22 پیر , اکتوبر 2018

عام چونڊن لاءِ رينجرز  سان گڏ گڏيل سڪيورٽي پلان  جوڙيو آهي: آءِ جي سنڌ

Joint security plan with Rangers for general elections has been added: Ig Sindhڪراچي(ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي چيو آهي ته عام چونڊن جي موقعي تي سنڌ پوليس ريجنرز سان گڏ سيڪيورٽي پلان جوڙيو آهي جنهن تحت پولنگ واري ڏينهن پوليس ۽ رينجرز جو ڪميونيڪيشن نيٽ ورڪ هڪ هوندو. سعيد آباد ٽريننگ سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته عام چونڊن ۾ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جو انگ 5700 کان وڌيڪ آهي، اهڙي طرح ۽ ٻيون ڪجهه نارمل پولنگ اسٽيشن آهن. هن چيو ته عام چونڊن جي موقعي تي سنڌ پوليس رينجرز سان گڏ سيڪيورٽي پلان جوڙيو آهي جنهن تحت پولنگ واري ڏينهن پوليس ۽ رينجرز جو ڪيمونيڪيشن نيٽ ورڪ هڪ هوندو، جيڪڏهن ڪو مسئلو پيش آيو ته ٻئي اُتي جلدي پهچي مسئلا  حل ڪندا. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته عام چونڊن لاءِ هڪ لک کان وڌيڪ پوليس جوان ۽ آفيسر مقرر ڪري رهيا آهيون، 79 سيڪڙو فورس فيلڊ فارميشن، 17 سيڪڙو پوليس مختلف يونٽن کي وٺي مقرر ڪنداسين جڏهن ته 4 سيڪڙو کوٽ سنڌ حڪومت کان وٺي پوري ڪئي ويندي ان کانسواءِ پولنگ اسٽيشنن تي اسان جي ريزرو پوليس هوندي. امجد سليمي چيو ته صوبي ۾ حساس ۽ ڪجهه نارمل پولنگ اسٽيشن آهن، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن ۾ وڌيڪ نفري لڳائي وئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبو خاص طور ڪراچي ۾ ظابطه اخلاق تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے