17 ہفتہ , نومبر 2018

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو

The name of Asif Ali Zardari and Faryal Talpur was removed from the ECL اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گهرو وزارت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) خانگي بينڪ مان مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو هيو ۽ ان حوالي سان کين پڇا ڳاڇا لاءِ پڻ طلب ڪيو ويو هو . جنهن بعد ٻنهي شخصيتن جا وڪيل ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيا هئا. ڪجهه  ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور کي طلب ڪيو هو جنهن تي سندن قانوني ٽيم عدالت ۾ پيش ٿي هئي جنهن بعد عدالت ايف آءِ اي کي  چونڊن تائين ٻنهي شخصيتن کي نه گهرائڻ جي هدايت ڪئي هئي ان سان گڏ ئي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته عدالت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ناهي چيو.نجي ٽي وي چينل جي رپورٽن موجب گهرو وزارت مني لانڊرنگ ڪيس جي سلسلي ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو سيڪريٽري جي حڪم تي ڪجهه ڏينهن اڳ  سمري تيار ٿي هئي جنهن جي روشني ۾ اڄ ٻنهي شخصيتن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن.ذريعن ٻڌايو ته چيف جسٽس پاڪستان جي ريمارڪس جي روشني ۾ ٻنهي شخصيتن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے