13 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ٽين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

Green Shares won Zimbabwe's victory over a positive win in Tennis One-match بلاوائيو(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽئين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميزبان ٽيم جي ڪپتان هيملٽن مساڪدزا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو غلط ثابت ٿيو ۽ زمبابوي جي سڄي ٽيم 25.1 اورن ۾ 67 رنسن تي ڍير ٿي وئي . چاموچي ڀاڀا 16 ۽ ڪپتان هيملٽن مساڪدزا 10 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته 8 بيٽسمين ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيا. گرين شرٽس طرفان فهيم اشرف شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 شڪار ڪيا، جنيد خان 2، ياسر شاهه، شاداب خان ۽ عثمان خان هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ڪوئنز اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ ميزبان ٽيم گرين شرٽس کي 68 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، زمبابوي طرفان مليل 68 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان طرفان امام الحق ۽ فخر زمان اننگز جي شروعات ڪئي. پاڪستاني  اوپنر امام الحق پهرين ئي اور  کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد فخر زمان ۽ بابر اعظم وڌيڪ ڪنهن نقصان جي ٽارگيٽ 9.5 اورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو فخر زمان 43 ۽ بابر اعظم 19 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا. ٻنهي ڄڻن ٻي وڪيٽ لاءِ  69 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي. ڪئيگرين شرٽس کي سيريز ۾ 0-3 جي برتري حاصل ڪري ورتي. پاڪستان سيريز جي پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 201 رنسن جڏهن ته ٻي مئچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي چوٿين ميچ 20 جولاءِ ۽ پنجين ۽ آخري ميچ 22 جولاءِ تي کيڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يوگنڊا ۾ اسڪول ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ٻارڙا سڙي فوت، ڪيترائي زخمي

ڪمپالا (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾ هڪ اسڪول ۾ باهه لڳڻ سبب 9 ٻار …