13 منگل , نومبر 2018

ميڊيا تي نشر ٿيندڙ وڊيو ايڊٽ ڪري رکي وئي : پرويز خٽڪ

Video Edited Video Posted: Parvez Khattakپشاور(ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير چيو آهي ته  سندس خلاف ميڊيا تي نشر ٿيندڙ وڊيو ايڊٽ ڪري رکي وئي آهي عام چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي پارٽين جي چونڊ مهم به تيز ٿي وئي آهي جنهن دوران مخالفن تي سياسي حملن سان گڏ غير اخلاقي حملا به شروع ٿي ويا آهن ۽ سوشل ميڊيا تي ڪيتريون ئي ويڊيو وائرل آهن جنهن ۾ سياستدانن کي مخالفن خلاف اخلاقيات کان ڪريل ٻولي استعمال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. تازو ئي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير جي هڪ ويڊيو ڪلپ به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾  پرويز  خٽڪ پ پ خلاف نازيبا الفاظ استعمال ڪري رهيو آهي .پرويز خٽڪ ان بيان کانپوءِ ٿيندڙ تنقيد جوجواب ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو. پرويز خٽڪ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته سندس  خلاف ميڊيا تي هلندڙ ويڊيو ايڊٽ ڪئي وئي آهي.  هن چيو ته هو پيپلز پارٽي ۾ شامل هڪ خاص شخص جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جيڪو ووٽ خريدڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ منهنجي ماڻهن لاءِ منهنجو اِهو پيغام آهي ته پنهنجو ووٽ کپائڻ وطن سان غداري جي برابر آهي. ميڊيا کي سچ ڏيکارڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Trudeau says Canada in talks with Pakistan over Asia Bibi

آسيه بي بي کي پناهه ڏيڻ واري معاملي تي پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: جسٽن ٽروڊو

پئرس ( ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته سندس حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے