16 جمعہ , نومبر 2018

وفاقي ڪابينا جو اجلاس: ڊيمن جي فنڊ لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي جي منظوري

Federal cabinet meeting: approval of the approval from the employees for the government employeesاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا ڊيمن جي فنڊ لاءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي جي منظور ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب نگران وزيراعظم جسٽس(ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري امن امان ۽ چونڊن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.ميڊيا جي رپورٽن موجب وفاقي ڪابينا جي نگران ميمبرن هڪ مهيني جون پگهارون ڊيم فنڊ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي ٻن ڏينهن جون پگهارون فنڊ ۾ جمع ڪئي ويندي. رپورٽن موجب گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار ڊيم فنڊ ۾ جمع ٿيندي. ياد رهي ته چيف جسٽس آف  پاڪستان پاران ڊيم ٺاهڻ لاءِ فنڊ ريزنگ مهم جاري آهي جنهن ۾ قوم وڌي چڙهي حصو وٺي رهي آهي ۽ هن وقت تائين ڪروڙين رپيا جمع ٿي چڪا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے