12 پیر , نومبر 2018

سنڌ واسين لاءِ پي ايس پي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي بچيو: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته سنڌ واسين لاءِ پي ايس پي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي بچيو، اسان جي دور ۾ ڪراچي ترقي جو چٽو ثبوت هو. مصطفيٰ ڪمال انيس قائمخاني سان گڏ جامعا نعيميا جو دورو ڪيو ۽ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مفتي منيب الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي سماجي معاملن ۽ چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ جي ٻن ڏينهن واري چونڊ دوري جي شروعات مفتي منيب الرحمان جي دعائن سان ڪري رهيا آهيون، سنڌ واسين لاءِ پي ايس پي کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي بچيو، هاڻ سوچڻو پوندو ته پرامن ڪراچي کپي يا لاش ملڻ وارو ڪراچي؟ گهٽين ۾ ڪچري وارو ڪراچي گهرجي يا روشنين جو شهر ڪراچي؟. سندس چوڻ هو ته هاڻ ڪراچي سان وڌيڪ ڪجهه خراب ٿيڻ جي گنجائش ناهي، اسان اڳ به ڪراچي کي ٺاهيو هو، هاڻ سڄي صوبي کي ٺاهينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے