13 منگل , نومبر 2018

ڪِرندڙ وارَن جي روڪٿام لاءِ سولو گهريلو ٽوٽڪو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وارَ ڪرڻ وارو عمل ڪنهن کي پسند هوندو؟ خاص طور مردن کي ته صفا نه، ڇو ته انهن کي عورتن جي ڀيٽ ۾ گنجو ٿيڻ جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. جيڪڏهن توهان به وارَ ڪِرڻ واري مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪري اهو حل ڪيو پر وارن جي صحتمند واڌ ويجهه لاءِ هي گهريلو ٽوٽڪو به توهان کي مدد فراهم ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ توهان کي هرٻي جي ٻِج جي ضرورت هوندي، جيڪو مارڪيٽ ۾ سستو ۽ سولائيءَ سان ملي ويندو آهي. فولڪ ايسڊ، وٽامن اي، وٽامن ڪي ۽ وٽامن سي سان گڏوگڏ پوٽاشيم، ڪيلشيئم ۽ آئرن سان ڀريل اهو ٻِج ڪِرندڙ وارن جي روڪٿام، انهن جي واڌ ويجهه ۽ خشڪي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو آهي. طريقو اهو آهي ته توهان هرٻي جي ٻَج کي پيهي پائونڊر ڪري ڇڏيو ۽ هڪ بائول ۾ وجهو، جنهن کانپوءِ ان ۾ هڪ چمچو ناريل جو تيل شامل ڪيو. انهن ٻنهي کي سٺي طريقي سان مڪس ڪري اهو پيسٽ وارَن، خاص طور پاڙن ۾ هڻو. ان کي 10 منٽن تائين خشڪ ٿيڻ ڏيو، پوءِ شيمپو سان مٿو ڌوئي ڇڏيو. توهان ان عمل کي ڪجهه عرصي تائين ورجايو، جنهن سان وارَ مضبوط ٿيڻ سان گڏوگڏ مٿي مان خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ گنج ٿيڻ جو خطرو به ٽَري ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے