21 بدھ , نومبر 2018

اسحاق ڊار جي خلاف اثاثن واري ريفرنس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، نيشنل بينڪ سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضوي پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل قاضي مصباح الحسن دليل ڏيندي چيو ته منهنجن اصيلن تي اسحاق ڊا جا اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي، فريادي وٽ پنهنجو الزام ثابت ڪرڻ جي لاءِ ثبوت موجود ئي ناهن. ايڊووڪيٽ قاضي مصباح الحسن چيو ته منهنجا اصيل اسحاق ڊار جي ٽرسٽ جا ملازم هئا، نعيم محمود ۽ منصور رضا جي خلاف ڪرپشن ظاهر ناهي ٿي. جوابدارن جي وڪيل  چيو ته ٽرسٽ جو ملازم هئڻ جو اهو مطلب ناهي ته ملازم ڪرپٽ آهن. ان کان اڳ شريڪ جوابدارن جي بريت جي درخواست قاضي مصباح دليل ڏيندي چيو ته نيب طرفان هن وقت تائين 10 شاهد پيش ٿيا، ڪنهن شاهدي مان ثابت ناهي ٿيو ته سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضوي ڏوهه ۾ شريڪ رهيا. وڪيل قاضي مصباح الحسن چيو ته نيب طرفان هن وقت تائين 10 شاهد پيش ڪيا ويا، ڪنهن شاهدي مان ثابت نه ٿيو ته سعيد احمد، نعيم محمود ۽ منصور رضوي ڏوهه ۾ شريڪ رهيا. شاهد محمد عظيم نامزد جوابدارن جي اڪائونٽ جي تفصيل عدالت ۾ پيش ڪئي. جوابدارن تي الزام آهي ته اسحاق ڊار جي 781 ملين ٽرانزيڪشن ۾ جوابدارن اسحاق ڊار جي مدد ڪئي پر 781 ملين مان هڪ رپيو به جوابدارن جي اڪائونٽ ۾ ناهي آيو ۽ نه ئي هنن طرفان موڪليا ويا. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے