15 جمعرات , نومبر 2018

جماعت اسلامي جي چونڊ جلسي دوران اسٽيج ڪِري پئي: ويڊيو ڏسو

پشاور (ويب ڊيسڪ) مهمند ۾ جماعت اسلامي جي چونڊ جلسي دوران اوچتو اسٽيج ڪِري پئي، جڏهن ته سراج الحق سميت ٻين اڳواڻ محفوظ رهيا. مهمند ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جماعت اسلامي جو جلسو جاري هو ۽ اسٽيج تي امير سراج الحق، صوبائي نائب امير مشتاق احمد خان سميت ٻيا ذميوار موجود هئا ته اوچتو اسٽيج ڪِري پئي. اسٽيج ڪرڻ کانپوءِ اتي موجود ماڻهن ڀَڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٿوري دير ۾ ئي ڪريل ماڻهو اٿي بيٺا ۽ ڪير به زخمي نه ٿيو. جلسي جي انتظاميا شادي هال ۾ کاڌي لاءِ رکيل ميزن تي اسٽيج ٺاهي هئي پر وڌيڪ اوچائي نه هجڻ سبب اڳواڻ محفوظ رهيا ۽ جلسي جي ڪارروائي جاري رکي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے