20 منگل , نومبر 2018

ٻين تي الزام هڻندڙ اڳ ۾ پنهنجي پارٽي فنڊ جو حساب ڏين: مولا بخش چانڊيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته بيساکين جي سهاري سياست ڪندڙ تمام جلد پنهنجو انجام ڏسندا، ٻين تي الزام هڻندڙ اڳ ۾ پنهنجي پارٽي فنڊ جو حساب ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته ٻين تي الزام هڻندڙ اڳ ۾ پنهنجو احتساب ڪن، تحريڪ انصاف ۾ پارٽي فنڊ کانپوءِ ٽڪيٽن جي وڪري جو اسڪينڊل به انهن جو منتظر آهي. مولا بخش چانڊيي چيو ته بيساکين جي سهاري سياست ناهي ٿيندي، جيڪي اهڙي سياست ڪندا آهن، اهي جلد پنهنجي انجام تي پهچندا. پ پ اڳواڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جدوجهد ۽ قربانين جي شاندار تاريخ جو تسلسل آهي، هو ڪراچي کان خيبر تائين روڊ تي سفر ڪري عوام وٽ ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے