18 اتوار , نومبر 2018

هاڻ يا اڳتي، ڀارت کي پنهنجي غلطين جو احساس ضرور ٿيندو: نگران پرڏيهي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون چيو آهي ته سڀ چاهين ٿا پاڙيسري ۽ عالمي برادري خوش رهي، آمريڪي ۽ روسي صدر ۾ ڳالهين جو دنيا کي فائدو ٿيندو، تڪڙي يا دير سان پر ڀارت کي پنهنجي غلطين جو احساس ضرور ٿيندو. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي عبدالله حسين هارون چيو ته ملڪ جي پرڏيهي پاليسي پراڻن مسئلن جو شڪار آهي، پاڪستان کي افغانستان، ڀارت ۽ دهشتگردي جهڙا چئلينج آهن. هن چيو ته نئون نسل معاشي ترقي ۽ تعليم ڏانهن ڏسندو آهي، صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪير به نٿو چئي سگهي ته عالمي سطح تي ڇا ٿيندو، دنيا ۾ آهستي آهستي اتحاد ٺهندا، فوجي ۽ معاشي اتحاد به ٺهندا. آمريڪي ۽ روسيص صدر جي ملاقات بابت نگران پرڏيهي وزير چيو ته ٽرمپ ۽ پيوٽن وچ ۾ ڳالهين جو دنيا کي فائدو ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے