18 اتوار , نومبر 2018

ججن جا فون ٽيپ ڪيا ويندا آهن، انهن جون حياتيون محفوظ ناهن: جسٽس شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته عدليا ۾ ججن کي اپروچ ڪيو پيو وڃي ۽ ججن جا فون ٽيپ ڪيا ويندا آهن، انهن جون حياتيون محفوظ ناهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايجنسي جو نمائندو پيش ٿيو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته توهان جا ماڻهو پنهنجي مرضي جا بئنچ ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جا ڪرتوت سامهون اچڻ گهرجن، عدالت تحريري حڪم ۾ لکيو آهي ته شهرين، بزنس مين ۽ بااثر ماڻهن کي اسلام آباد مان کڻڻ معمول بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته حساس ادارا پنهنجي آئيني ذميواري کي سمجهن، ايگزيڪيوٽو ۽ ٻين ادارن ۾ مداخلت روڪي وڃي. تحريري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته حساس ادارا ملڪ تي ڌيان ڏين، رياست مٿان رياست جو تصور ختم ڪيو وڃي، ٻين ادارن ۾ مداخلت نه روڪڻ وارو عمل تباهي هوندو. جسٽس صديقي تحريري حڪم ۾ لکيو آهي ته ان الارمنگ صورتحال کي سمجهو ۽ ٻين ادارن ۾ پنهنجي ماڻهن جي مداخلت روڪيو. عدالتي حڪم جي ڪاپي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي پهچائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت ۾ پيش ڪيل بازياب شخص ٻڌايو ته مان پنهنجي مرضي سان ويو هيس پر ان جي ڀاءُ عدالت کي ٻڌايو ته کيس ايجنسيون کڻي ويون هيون. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته آزاد ڪرايل شخص خوف ۾ ورتل لڳي رهيو آهي. هن ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڻ کي عقلمند نه سمجهو، عقلمندن سان قبرستان ڀريل آهن، پوليس وارا ايجنسين اڳيان بي وس آهن. عدالت اسلام آباد پوليس جي ايس پي انويسٽيگيشن زبير شيخ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس صديقي چيو ته جيڪو آفيسر سچ نه ڳالهائي ۽ خوف جو شڪار هجي، ان کي پوليس ۾ نه هجڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے