21 اتوار , اکتوبر 2018

ن ليگي حڪومت عوام کي رڳو مهانگائي تحفي ۾ ڏني آهي: چوڌري پرويز الاهي

گجرات(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ليگي حڪومت عوام کي رڳو مهانگائي ڏني آهي، ڪرپشن، قرض معاف ڪرائڻ، 56 ڪمپنين وارو اسڪينڊل اهو سڀ شريف ڀائرن جو عوام لاءِ تحفو آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب مسلم ليگ ق جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي گجرات ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي دور ۾ ڊالر 60 رپين جو هو، جڏهن ته اڄ 130 رپين تائين پهچي چڪو آهي اِهو ن ليگي حڪومت جي ناڪام پاليسين جو نتيجو آهي، ن ليگ جي حڪومت عوام کي رڳو مهانگائي ڏني آهي، ڪرپشن، قرض معاف ڪرائڻ ۽ 56 ڪمپنين وارو اسڪينڊل اهو سڀ شريف ڀائرن جو عوام لاءِ تحفو آهي هن چيو ته جاتي امرا ۾ ڪيترائي فرعون آهن، انهن مان هڪ اڊيالا پهچي ويو آهي جيڪا سندس منزل هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے