19 جمعہ , اکتوبر 2018

عمران کي سڀ سهولتون آهن، سليڪشن ڪرڻي آهي ته اليڪشن جي ڪهڙي ضرورت: پرويز رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز هڪ ئي جيل ۾ قيد آهن پر کين ملاقات جي اجازت ناهي، اڄ ٻنهي پهريون ڀيرو ملاقات ڪئي آهي. نواز شريف سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته هڪ جيل ۾ هئڻ باوجود پيءَ ۽ ڌيءَ کي ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، اڄ پهريون ڀيرو نواز شريف ۽ مريم نواز جي ملاقات ٿي آهي. هن چيو ته احتساب عدالت پڇا ڳاڇا لاءِ عمران خان کي طلب ڪيو هو پر عمران خان جو جواب آيو ته هو چونڊ مهم ۾ مصروف آهي نه ٿو اچي سگهي، عمران کي سهولت ڏني وئي ته چونڊ مهم هلائيندو رهي، برابري جا موقعو نه ٿو ملي ته چونڊون ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن چيو ته عمران خان کي نيب ۽ احتساب عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جي سهولت ڏني وئي، جيڪا سهولت عمران خان کي ملي اها پاڪستان جو 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيل نواز شريف کان کسي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جهڙي سهولت 3 ڀيرا وزيراعظم ٿيندڙ شخص کي ڇو نه ڏني وئي آهي، پاڪستان جي اهم عهديدارن کان سوال آهي ته عمران خان کي  اها سهولت ڇو ڏني وئي آهي. پرويز رشيد چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو مطالبو ڪرڻ ڏوهه بڻايو ويو آهي، اها انصافي تنهن ڪري آهي جو نواز شريف چوي ٿو ته ووٽ کي عزت ڏيو، عمران خان جيڪو گهري ٿو ملي وڃي ٿو، هو پنهنجا فيصلا پاڻ لکي ٿو، فلاڻي تاريخ تي عدالت ايندس، فلاڻي تي نه ايندس. هن چيو ته هڪ ڪيس 4 ڀيرا هلندو آهي ۽ 4 سزائون ڏنيون وينديون آهن، ٻئي طرف ڪجهه ڪيس سالن تائين هلندا آهن، هڪ انڪوائري اڳوڻي صدر خلاف به هلي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے