13 منگل , نومبر 2018

نيوز:ٽنڊو محمد خان: شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 407 هون عرس شروع

News: Shah Abdul Karim Bulri celebrations of 407 Anniversary*صوفي بزرگ ۽ شاعر  شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو 407 هون ساليانو عرس مبارڪ  بلڙي شاهه ڪريم ۾ شروع ٿي ويو آهي .

ميلي جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح اوقاف کاتي جي سيڪريٽري  رياض حسين سومري گلن جي چادر چاڙهي ڪيو جڏهن ته اڄ ميلي جي موقعي تي ضلعي ۾ عام موڪل جو علان ڪيو ويو آهي .

ميلي جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام انهتائي سخت ڪندي وڏي انگ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس پڻ لڳايا ويا آهن .

ميلي جي حوالي سان نگران سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان ڪو به ادبي ثقافتي پروگرام ترتيب نه ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي اديبن، شاعرن اوقاف کاتي ۽ ثقافت کاتي طرفان شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ميلي جي موقعي تي ادبي پروگرام ۽ ثقافتي پروگرام منعقد نه ڪرڻ تي سخت احتجاج ڪيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے