16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: ڏوڪري: زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جو احتجاج

Dokri: Residents against agricultural water co-operation and protest of Sindh High Commission*ڏوڪري ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ڪڙمين پاران احتجاج ڪيو ويو .

ڏوڪري تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف خيرواهه، ڪاراڻي شاخ، ٽاٽڙي شاخ، سونهري شاخ سميت 10 کان وڌيڪ واهن ۽ شاخن جي آبادگارن سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ گلاب پيرزادو،محمد خان جيسر، سهراب سومرو شهباز پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي آبادگارن ٻڌايو ته ڏوڪري سميت سڄي سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي جنهن ڪري ساريالو فصل سڙي سڪي تباهه ٿي رهيو آهي .

  هنن چيو ته هڪ سازش تحت سنڌ جو پاڻي روڪي هتان جون زرخيز زرعي زمينون بنجر بڻايون پيون وڃن جڏهن ته چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي

هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير  پاڻي  جي کوٽ ختم ڪئي وڃي  ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| دولتپور صفن: آبادگارن  پاران پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

*دولتپور صفن  ۾ آبادگارن ۾ پاڻي کوٽ خلاف علامتي بک هڙتال شروع ڪئي وئي. قومي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے