21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: وارهه : شهري اتحاد پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

Warah: Urban protest against water shortage*وارهه ۾ شهري اتحاد پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

فاضل راهو چوڪ تي نياز حيدري، هوشو راجا ۽ اصغر ميراثي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين، دڪاندران ۽ واپارين پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي واڌ سبب ٻوڏ جو خطرو ٻڌايو پيو وڃي پر وارهه ۾ سارين جي پوکي ۽ جانورن جي پيئڻ لاءِ پاڻي جي لپ به ناهي.

هنن چيو ته پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جنهن سبب زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن ۽ چوپايو مال اڃ وگهي مري رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته پاڻي کوٽ سبب سندن معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي، جنهن جا ذميوار لاڳاپيل ادارو ۽ عملدار آهن.

اڳواڻن آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته بنا دير نوٽيس وٺي پاڻي کوٽ ختم ڪن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: گهارو: نوجوان ليکڪ آصف آرائين جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

*گهاري ۾ نوجوان ليکڪ آصف آرائين جي ڪتاب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي صحافي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے