21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي ۾ هٿرادو دل لڳائڻ جو ٻيو ڪامياب آپريشن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هڪ ٻيو مصنوعي دل لڳائڻ جو آپريشن ڪيو ويو. دل جي مرضن واري قومي اداري ۾ ٿيل اِهو ٽيون ڪامياب آپريشن آهي. تصيل موجب ملڪ ۾ مڪينڪل هارٽ جي هڪ ۽ ڪامياب سرجري ڪئي وئي. اين آءِ سي وي ڊي ۾ ايل وي اي ڊيوائس لڳائڻ جو اهو ٽيون ڪامياب آپريشن آهي. ڊاڪٽر پرويز خان جو چوڻ آهي ته 58 سالن جي بنارس خان کي مڪينڪل دل لڳائي وئي، مريض صحتيابي ڏانهن گامزن آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت تائين مڪينڪل هارٽ جي ٽئين ڪامياب سرجري آهي. آپريشن کان پوءِ بناس خان کي آءِ سي ايو منتقل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تيز ڳاڙها مرچ کائو، عمر وڌايو: تحقيق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) تيز ڳاڙها مرچ کائڻ وارن لاءِ خوشخبري آهي، هڪ تحقيق سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے