20 منگل , نومبر 2018

ڪرپشن الزام، احسن اقبال جو ابرارالحق کي ليگل نوٽيس

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال ڪرپشن الزامن تي پي ٽي آءِ اميدوار ابرار الحق کي هڪ ارب رپين جو ساک کي نقصان پهچائڻ جو نوٽيس موڪليو آهي. اڳوڻي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال بئريسٽر مجتبيٰ جمال ذريعي اين اي 78 ۾ پنهنجي مخالف پي ٽي آءِ اميدوار ڳائڻي ابرار الحق ڏانهن ساک کي نقصان پهچائڻ جو نوٽيس موڪليو آهي. نوٽيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته احسن اقبال 4 ڀيرا عوامي نمائندو چونڊجي چڪو آهي، ٻه ڀيرا وفاقي وزير رهي چڪو آهي، ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ اعليٰ ڪلاسن کي پڙهائي چڪو آهي ۽ مئنيجمينٽ ڪنسلٽنٽ به رهي چڪو آهي، ابرار الحق چونڊ مهم دوران احسن اقبال خلاف نه رڳو الزام تراشي ڪئي پر مقامي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسن اقبال جي شهرت کي نقصان پهچائڻ جي به ڪوشش ڪئي. ليگل نوٽيس ۾ ابرار الحق کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو 14 ڏينهن اندر ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام واپس وٺندي غير مشروط معافي گهري، ٻي صورت ۾ سندس خلاف عدالتي ذريعي سول ۽ فوجداري ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جون ڪجهه شرطون مڃڻ کان انڪار، ڳالهيون بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان آءِ ايم ايف ڪجهه مطالبا تسليم ڪرڻ کان انڪار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے