18 جمعرات , اکتوبر 2018

نيوز: ڏوڪري :نگران وڏي وزير موهن جي دڙي تي سسئي پليجي جي تختي هٽائڻ جو نوٽيس ورتو

Dokri: Superintendent of Police took notice of removing Sassi plateboard at Mohan jo Daro*نگران وڏي وزير موهن جي دڙي تي سسئي پليجي جي تختي هٽائڻ واري معاملي تي نوٽيس ورتو.

نگران وڏي وزير فضل الرحمان نوٽيس وٺي سسئي پليجو جي هٽايل تختي ٻيهر لڳائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد انتظاميا نگران وزير جي نالي واري تختي هٽائي سسئي پليجو جي نالي واري تختي لڳائي ڇڏي.

موهن جي دڙو تي ثقافت کاتي جي نگران صوبائي وزير جنيد شاهه جي آمد دوران اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو جي نالي واري تختي پٽي هٽائڻ ۽ نگران صوبائي وزير کان پراڻي دور جي ٿيل ڪمن جو افتتاح ڪرائي سندس نالي جي تختي لڳائڻ واري معاملي جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد ٿرٿلو مچي ويو.

خبرون هلڻ بعد نگران وڏي وزير فضل الرحمان نوٽيس وٺي نگران صوبائي وزير سيد جنيد علي شاهه جي نالي واري تختي ڀرسان اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو جي نالي واري هٽايل تختي ٻيهر لڳرائي.

 نگران صوبائي وزير واري تختي کي هٽائڻ بدران جيئن جو تيئن برقرار رکڻ بعد اختيارين ٻيهر حڪم ڏنو ته نگران صوبائي وزير جي نالي واري تختي کي هٽايو وڃي.

 ڪمشنر لاڙڪاڻي جي حڪم تي ڏوڪري جو اسسٽنٽ ڪمشنر موهن جو دڙو پهتو،  جنهن بعد انتظاميا نگران صوبائي وزير جي نالي واري تختي کي هٽايو.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو جي نالي واري تختي هٽائڻ واري معاملي جو سرڪار نوٽيس وٺي تختي ٻيهر لڳائي ڇڏي آهي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-18

اسلام آباد ۾ وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس جاري ڪراچي: نيب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے