21 بدھ , نومبر 2018

پروگرام ٽيون رخ | وفاقي بجيٽ: عوام دوست يا عوام دشمن؟

سڀ کان وڏي بجيٽ دفاعي خرچن لاءِ رکي وئي آهي: صحافي
ٽئڪس جو وزن غريبن تي پوي ٿو، سنڌ ۾ هاري پيڪيج تي عمل ناهي ڪيو ويو: اعجاز شيخ
عوامي بجيٽ ناهي، صوبن کي بجيٽ ۾ ڪي سهولتون ناهن ڏنيون ويون: مقتدا منصور
حڪومت عوامي بجيٽ جي نالي لٽيل پئسي جو حساب ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪري پئي: قاسم راڄپر جو ع آ پروگرام ٽيون رخ ۾ اظهار
ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪمرانن ڪڏهن به عوامي بجيٽ پيش ناهي ڪئي.گهوسٽ اسڪولن سان گڏ هاڻي ترقي به گهوسٽ ٿي رهي آهي ارڙنهين ترميم کان پوءِ به صوبن کي بجيٽ ۾ ڪي سهولتون ناهن ڏنيون ويون. هر سال حڪومت پاران اشتعارن ذريعي عوامي بجيٽ جي ڪوڙي دعواي ڪئي ويندي آهي.موجوده بجيٽ عوام دشمن بجيٽ آهي جنهن ۾ ننڍن صوبن کي ڪي به فائدا نه ملندا.اهڙو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ سينيئر صحافي اعجاز شيخ، سينيئر صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر ۽ صحافي مقتدا منصور بجيٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو.ٽيليفون تي ڳالهائيندي صحافي مقتدا منصور چيو ته اڄوڪي پيش ڪيل بجيٽ ڪنهن به طرح سان عوامي بجيٽ ناهي.پاڪستان جي تاريخ ۾ حڪمرانن ڪڏهن به عوامي بجيٽ پيش ناهي ڪئي. ارڙنهين ترميم کان پوءِ به صوبن کي بجيٽ ۾ ڪي سهولتون ناهن ڏنيون ويون.جڏهن ته سڀ کان وڏي بجيٽ دفاعي خرچن لاءِ رکي وئي آهي.جڏهن ته ترقي لاءِ بجيٽ ڪل 3 سيڪڙو رکي وئي آهي. سينيئر صحافي اعجاز شيخ چيو ته هر سال حڪومت پاران اشتهارن ذريعي عوامي بجيٽ جي ڪوڙي دعواي ڪئي ويندي آهي .اسٽيٽ بئنڪ جي هڪ رپورٽ مطابق 70 سيڪڙو سيڙپڪاري گهٽ ٿي آهي.جڏهن سيڙپڪاري گهٽ ٿيندي ته بجيٽ به متاثر ٿيندي.بجيٽ ۾ شين تي لڳايل ٽيڪس جو وزن به غريبن کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو .گذريل بجيٽ ۾ به وفاقي سيڪريٽرين جون پگهارون وڌايون ويون.پر غريب ملازمن کي ڪو به فائدو نه مليو، وزير اعظم پاران سنڌ ۾ هاري پيڪيج جو اعلان ته ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿيو. زراعت ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري ملڪي آمدني لاءِ اهم ذريعا آهن پر حڪومت معاشي هدف به مڪمل ڪري نه سگهي، جنهن جي ڪري بجيٽ کي عوامي بجيٽ نٿو چئي سگهجي.پيپلز پارٽي جي گذريل اٺن سالن ۾ نوابشاهه کان سکر لاءِ اعلانيل روڊ به اڄ تائين مڪمل ناهي ٿيو.سينيئر صحافي ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته جمهوري حڪومتن عوامي بجيٽ جون هميشه ڪوڙيون دعوائون ڪيون آهن.جڏهن ته بجيٽ ڪڏهن به عوام جي فائدي ۾ ناهي ٺاهي وئي.حڪومت کي پنهنجا خرچ گهٽائڻ گهرجن. عام ٽيڪس 17 سيڪڙو لڳائي وڃي ٿي پر اها ٽيڪس قومي خزاني ۾ جمع ٿيڻ بدران حڪومتي خرچن ۾ لڳائي ويندي آهي.حڪومت عوامي بجيٽ جي نالي ۾ لٽيل پئسي جو حساب ڏيڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي.عوامي ملڪيت کي لٽي ٻيڙين ذريعي ٻاهر منتقل ڪيو ويو.گهوسٽ اسڪولن سان گڏ هاڻي ترقي به گهوسٽ ٿي رهي آهي.جيڪا رڳو ڪاغذي ترقي آهي.پيپلز پارٽي جي پنجن سالن ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ رکيل اربين رپيا وزير کائي ويا.سولر انرجي ۽ اوسموس پلانٽن ذريعي ترقي ته ڄاڻائي وئي پر ان جو نالو نشان ناهي.ڪراچي ۾ مقرر ٿيل پهرين سنڌي ڪمشنر کي به برداشت نه ڪيو ويو. پ پ پ اٺن سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي ڪو هڪڙو روڊ به ناهي ڏنو. ادارا ٺاهڻ بدران پيپلز پارٽي جي وزيرن پنهنجا بنگلا ٺهرايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے