17 ہفتہ , نومبر 2018

ڪينسر کان پري رهڻو آهي ته رات جو کاڌو جلدي کائو: ماهر

بارسلونا (ويب ڊيسڪ)کاڌي جي ماهرن گهڻي عرصي کان پوءِ هڪ جاچ ڪئي آهي جنهن مان خبر پئي آهي ته  جيڪڏهن رات جو کاڌو جلدي کاڌو وڃي ته ان سان مردن کي پروسٽيٽ ڪينسر ۽ عورتون کي بريسٽ ڪينسر مان بچڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. هن جاچ  ۾ مجموعي طور تي 4000 رضاڪارن کي شريڪ ڪيو ويو جنهن ۾ 2500 عورتون ۽ 1500 مرد شامل هئا. رضا ڪارن مان ڪجهه صحت مند ۽ ڪجهه کي پروسٽيٽ/ بريسٽ ڪينسر هئي. انهن سڀني جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ويو . جنهن مان ثابت ٿيو ته جيڪي ماڻهو رات جو کاڌو جلدي کائڻ جا عادي هئا يا رات جو کاڌو کائڻ کان 2 ڪلاڪ پوءِ سمهڻ جا عادي هئا انهن ۾ پروسٽيٽ ڪينسر ۽ بريسٽ ڪينسر جي شرح اهڙي ماڻهن جي مقابلي ۾ 20 سيڪڙو گهٽ هئي جيڪي رات جو کاڌو دير سان کائيندا آهن يا وري رات جي ماني کائڻ کان پوءِ فوري طور تي سمهڻ سمهڻ جا عادي هئا. جنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته رات جو کاڌو اهڙي ٽائيم تي کاڌو وڃي جو سمهڻ  ۾ 2 ڪلاڪ باقي هجن، ان کان پوءِ جتي صحت جا ٻيا فائدا حاصل ٿيندا آهن اتي 2 قسمن جي ڇاتي جي ڪينسر جو خطرو گهڻي حد تائين گهٽ ٿي ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے