21 بدھ , نومبر 2018

هيوي مشينري کڻي وڃڻ لاءِ” بيلوگا ايڪسن ايل“ ڪارگو جهاز جي ڪامياب  اُڏام

"beloga eqsins el " to carry out the hi-tech machineڪراچي(ويب ڊيسڪ) جديد ٽينڪالاجي جي وڌيڪ هڪ شاهڪار”بيلوگاايڪسن ايل“ ڪارگو جهاز ڪاميابي سان آزمائشي اُڏام مڪمل ڪري ورتي. بيلوگا ايڪسن ايل ڪارگو جهاز ايوي ايشن جي مشهور صنعتي اداري ايئربيس متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد وزني مشينري جي درآمد ۽ برآمد کي وڌيڪ سولو بڻائڻ آهي. ڪارگو جهاز جو شاندار ڊئزائن وهيل مڇي جي نموني تي ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪارگو لا جهاز جي اڳيئن حصي کان ئي سامان جهاز ۾ لوڊ ڪيو ويندو آهي. جهاز جي آزمائشي اُڏام گذريل ڏينهن فرانس جي مشهور Toulouse-Blagnac  ايئر پورٽ تان مقامي وقت موجب منجهند 2 لڳي 24 منٽن تي ڪئي وئي. بيلوگا ايڪسن ايل آزمائشي اُڏام ۾ لاڳيتو چار ڪلاڪ 11 منٽن تائين هوائي سفر طئي ڪيو ۽ ٻيهر تلوز ايئرپورٽ تي ڪاميابي سان واپسي ڪئي.نئين ڪارگو جهاز جي استقبال لاءِ ايئرپورٽ تي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهوموجود هئا، جن ملازمن ۽ سول ايوي ايشن جو واسطو رکندڙ اهم شخصيتون شامل هيون. ايئربيس ڪمپني موجب بيلوگا ايڪسن ايل جي ڪامياب آزمائشي اُڏام بعد ان کي ايندڙ سال باقائدا  طور تي واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويندو. بيلوگا ايڪسن ايل ايئربيس جي جهاز  A330-200  ۾ استعمال ڪيل ٽينڪالاجي سان تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪمپني امڪان ظاهر ڪيو آهي ته A330 جهاز کي بيلوگا ايڪسن ايل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جديد سولر پينل بجلي به پيدا ڪري ۽ سج کي گرمي به واپس ڪري

ڪيليفورنيا(ويب ديسڪ)ماهر اهڙو سولرپينل تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿيا ويا آهن جيڪو نه صرف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے