16 جمعہ , نومبر 2018

”طيفا ان ٽربل“  جو  ريليز کان اڳ شاندار پريميئر ، فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي

The movie "teefa in trouble ", which will be released today, will be released todayڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري اداڪار ۽ راڳي علي ظفر ۽ مايا علي جي فلم”طيفا ان ٽربل“  جو پريميئر ڪالهه ڪراچي ۾ ٿي گذريو جڏهن ته فلم اڄ ريليز ڪئي ويندي. ان موقعي ته فلم جي هيرو علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايترو خوش آهيان جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان مداحن فلم ريليز ٿيڻ  کان اڳ ئي هٽ ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته فلم اهو سوچي ٺاهي وئي آهي ته پاڪستان ۾ پهرين عالمي معيار جي فلم ٺاهي وڃي، جيڪا سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري. علي ظفر ٻڌايو ته طيفا ان ٽربل پهرين پاڪستاني فلم آهي جيڪا 25 ملڪن ۾ ريليز ڪئي ويني انهن مان 15-16 ملڪ اهڙا آهن جتي اڄ تائين پاڪستاني فلم ريليز ناهي ڪئي وئي. فلم جي ڊائريڪٽر احسن رحيم جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته جڏهن هو انڊسٽري ۾ نئون هو ته ۽ ڪير به ويڊيو ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو تڏهن احسن رحيم گيت” ڇنو“ جي ويڊيو ٺاهي هئي. هن چيو ته سندس خواهش هئي ته سندس پهرين فلم احسن رحيم ٺاهي، هي سندس خواب هو جيڪو پورو ٿي ويو. علي ظفر مداحن کي اپيل ڪندي چيو ته هو سنيما ۾ اچن ۽ فلم ڏسن.  فلم ۾ علي ظفر سان گڏ مک ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا مايا علي چيو آهي ته علي ظفر سان ڪم ڪندي تمام سٺو لڳو، هو هڪ فيملي ميمبر جيان آهي. هن چيو ته احسن رحيم سان ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ ريليز ٿيندڙ فلم طيفا ان ٽربل ضرور ڏسو، ڇو ته جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته توهان  گهڻو ڪجهه مس ڪندئو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے