20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڊرٻ ميهر شاھ: ھٿياربندن جي ڳوٺ تي   چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد، احتجاج

Drib Mehar Shah: Armed people captured house, barbarism on women and children*ڊرٻ ميهر شاھ ويجهو ھٿياربندن  چڙهائي  ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد  لکين رپين جو سامان ڦري ويا واقعي خلاف عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو .

رات دير سان 25کان وڌيڪ ھٿياربندن ڳوٺ لال بخش ٿيٻو تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي سخت تشدد جو نشانو بڻائي عورتون  ۽ معصوم ٻارڙن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

نصيبان، وزيرا خاتون، مشتاق خاتون ۽ حاڪم زادي ۽ ٻين عورتن چيو ته 4 ڏينهن اڳ شفيع محمد ٿيٻي واري ڌر رجب علي ٿيٻو کي قتل ڪري سندن 8 ماڻهن کي گرفتار ڪرائي مڇي جي فارمن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا آهن.

هنن چيو ته سندن  ماڻهو ٿاڻي تي گرفتار ھجڻ ۽ مرد گهر ۾ نه ھجڻ سبب مخالف ٿيٻا برادري جي ماڻهن شفيه محمد ٿيٻوم،  يار محمد ٿيٻو، شريف، سومر، مومن،  خدا بخش، امير علي ٿيٻو سميت 25کان وڌيڪ ماڻھن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو.

 هنن چيو ته سندن گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ زيورن سميت گهر رکيل الهه تلهه به کڻي ويا .

 هنن نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : قاضي احمد: وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، انتظاميھ خاموش

*قاضي احمد شھر  ۾  وياجين جو آزار چوٽ چڙھي ويو، ڪيترائي سفيد پوش گھراڻن جا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے