12 پیر , نومبر 2018

مخالفن جي پروپيگنڊا کان ڊڄڻ واري ناهيان، سدائين ميرٽ تي ڪم ڪيو آهي: سعيده امتياز

Do not be afraid of the propaganda of the opponents, always worked on the mirror: Saeed Imtiazلاهور(شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل سعيده امتياز چيو آهي ته مخالفن جي پروپيگينڊا کان ڊڄڻ واري ناهيان، ميرٽ تي ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي به جيڪو ڪم ڪنديس اهو ميرٽ تي هوندو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا سعيده امتياز چيو ته سندس فلم” وجود“ کي عيدالفطر تي زبردست موٽ ملي پر ڪجهه مخالفن فلم جي حوالي سان منفي پروپگينڊا ڪئي جنهن کي عوام قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور سوشل ميڊيا تي منهنجا مداح وڏي انگ ۾ موجود آهن، جن فلم جي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن کي ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سعيده امتياز چيو ته هڪ فنڪار جي حيثيت ۾ جيڪو ڪم ٺيڪ لڳندو آهي، اهو ڪندي آهيان، پوءِ ڀلي فلم هجي يا وري ٽي وي ڪمرشل يا فوٽو شوٽ، مونکي ٽي وي سريلن ۾ پڻ ڪيترن ئي اهم ڪردارن ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿيندي رهندي آهي پر مان پنهنجي زندگي جا ڪجهه اصول ٺاهيا آهن ۽ ان موجب ئي ڪم ڪندي آهيان پر شوبز سان واسطو رکندڙ هڪ ”گروپ“ منهنجي ڪاميابي ۽ ڪم ڪرڻ جي انداز  کان حسد ڪري رهيا آهن انڪري هو ڄاڻي واڻي  ڪوڙيون ۽ بي بنياد خبرون ۽ افواهون پکيڙيندا رهندا آهن، جنهن سان سندم ذات تي ته ڪوبه فرق نٿو پوي پر منهنجا مداح کي ڪاوڙ ايندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيده امتياز چيو ته اڃان ته پاڪستان جديد سنيما جي شروعات ٿي رهي آهي، ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ ٿي ڪري ملڪي سنيما جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هي اهو وقت ناهي جو اسان هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ پروپيگينڊا ڪيون. مان سمجهان ٿي ته هن وقت اسان کي پاڪستاني فلم کي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ سنيما انڊسٽري  ۽ ميڊيا کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اڄ اسان ائين نه ڪيو ته پوءِ ايندڙ ڏينهن هتي رڳو غيرملڪي فلمون نمائش لاءِ پيش ڪيون ويندو جيڪو درست عمل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے