15 جمعرات , نومبر 2018

باليووڊ ۾ وڌيڪ هڪ ”سنجو“ ٺاهڻ جي تياري

More in Ballywood to create a "sound"ممبئي(شوبز نيوز) ”سنجو“ ڪي باڪس آفيس شاندار ڪاميابي بعد وڌيڪ هڪ باليووڊ هدايتڪار سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جي تياري ڪري ورتي. باليووڊ ۾ بابا جي نالي سان مشهور اداڪار سنجي دت جي زندگي تي ٺاهي ويندڙ فلم” سنجو“ ڪاميابي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا، فلم کي مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي ۽ ريليز جي ٽئين هفتي بعد به سنيما جي ٻاهران ماڻهن جي رش گهٽ ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي فلم هر نئين ڏينهن ڪاميابي جا نوان ريڪارڊ قائم ڪري رهي آهي. فلم” سنجو“ جي ڪاميابي کي ڏسندي باليووڊ هدايتڪار رام گوپال ورما پڻ سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان فلم جو نالو”سنجو دي ريئل اسٽور“  هوندو. رام گوپال ورما جو چوڻ آهي ته هدايتڪار رجڪمار هيراڻي سنجي دت جي زندگي جي کوڙ پاسن کي فلم ۾ ظاهر ناهي ڪيو انڪري هو سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهيندو ۽ سمورو سچ ٻڌائيندو، رام گوپال ورما فلم تي ڪم ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.  ميڊيا جي رپورٽن موجب رام گوپال ورما جڏهن فلم سنجوڏٺي ته کيس اها فلم تمام گهڻو پسند آئي پر کيس ان ڳالهه جو ڏک ٿيو ته سنجي دت جي قانوني ويڙهه، اي ڪي 56 رائفل ۽ ممبئي حملن جي واقعن کي تمام سطحي طور تي ڏيکاريو ويو، انڪري هو پنهنجي فلم ۾ انهن واقعن کي تفصيل سان ڏيکاريندو. واضح رهي ته راجڪمار هيراڻي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم” سنجو“ ريليز ٿيڻ کان هن وقت تائين 406 ڪروڙ 18 لک رپين جو بزنس ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پرڏيهي ملڪن ۾ 122 ڪروڙ 29 لک رپين جي ڪمائي ڪري گڏيل طور تي فلم هن وقت تائين 528 ڪروڙ 47 لک رپين جو بزنس ڪري چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے