21 بدھ , نومبر 2018

ٽرمپ پاران روسي صدر کي آمريڪا جي دوري جي دعوت

Russia's invitation to the United States by Trumpetواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر پيوٽن کي آمريڪا جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي.  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽويئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته روس سان تعلقاتن ۾ بهتري چاهيان ٿو، هيلنسڪي ۾ پيوٽن سان ملاقات انتهائي ڪامياب رهي، ملاقات ۾ هن اسرائيل جي تحفظ، جوهري پکيڙ، سائبر حملن، واپار، يوڪرائن ۽ اتر ڪوريا سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي هئي. هو پيوٽن سان ٻي ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو، ته جيئن ملاقات ۾ طئي ٿيل معاملن تي عملدرآمد ڪرڻ جي شروعات ٿي سگهي. وائٽ هائوس جي ترجمان سارا سينڊر جي طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيلنسڪي ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪا ۽ روس جي صدر ٻنهي ملڪن جي سيڪيورٽِ اختيارين جي وچ ۾ ٻي طرفي ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو هو . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ قومي سلامتي جي صلاحڪار جان بولٽن کي روسي صدر والا ديمير پيوٽن کي آمريڪا جي دوري لاءِ دعوت نامو جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.ٻئي پاسي آمريڪي انٽليجنس جي سربراهه ڊين ڪوٽس چيو آهي ته کيس آمريڪي ۽ روسي صدر جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي حوالي سان ڪا به ڄاڻ ناهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ هيلنسڪي ۾ ٻنهي جي ملاقات بعد صدر ٽرمپ کي آمريڪا ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽرن جو صدر ٽرمپ کان محمد بن سلمان خلاف ڪارروائي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڊيموڪريٽ ۽ ري پبلڪن پارٽي جي سينيٽرن صدر ٽرمپ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے