21 اتوار , اکتوبر 2018

چمن ۾ مال روڊ تي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 4 ڄڻا زخمي

چمن ( ويب ڊيسڪ ) چمن ۾ مال روڊ تي سڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا.  پوليس موجب بلوچستان جي علائقي چمن جي مال روڊ تي زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي ويا ۽ علائقي ۾ موجود 10 دڪانن کي به نقصان پهتو. پوليس موجب ڌماڪو دڪان سامهون بيٺل هڪ موٽرسائيڪل ۾ ٿيو جيڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو. پوليس موجب ڌماڪي ۾ سڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو جنهن سان گاڏي کي نقصان پهتو جڏهن ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڌماڪي جي زخمين کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو تنهن وقت ٿيو جڏهن سڪيورٽي فورسز جي گاڏي علائقي مان گذري رهي هئي، جڏهن ته ڌماڪي جي شدت سبب ويجهي وارين عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ايف سي جي وڏي نفري علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جڏهن ته اعليٰ اختيارين به پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے