17 ہفتہ , نومبر 2018

اسرائيل جي هوائي حملي ۾ هڪ فلسطيني شهيد

A Palestinian martyr in a Israeli attackبيت المقدس(ويب ڊيسڪ) غزه ۾ قابص اسرائيلي فوج جي هوائي حملن ۾ هڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل رات اسرائيلي فوج جي جهازن غزا جي پٽي تي هوائي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ويڙهاڪ جهاز جي ذريعي فائر بمن جي صلاحيت رکندڙ ڦوڪڻا هوا ۾ ڇڏيا ويا هئا ۽ انهن علائقن کي نشانو بڻايو ويو جتي دهشتگردن ٺڪاڻا هئا. فلسطين صحت واري وزارت فلسطيني شهري جي شهادت ۽ ٽن ڄڻن جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل  مقامي آبادين کي نشانو بڻائي رهيو آهي جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ آهي ۽ فلسطيني جي آزادي جي تحريڪ روڪڻ جي ڪريل ڪوشش آهي. عالمي طاقتن کي اسرائيل جي طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙيون ڪرڻ تي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ٻئي پاسي 30 مارچ تي يوم الارض جي موقعي تي پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي مارچ مهم جي 17 هين هفتي اڄ جمع تي اسرائيلي سرحدن طرف مارچ ڪيو ويندو جنهن لاءِ هزارين فلسطيني شهري سرحدي علائقي تي جمع ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے