10 پیر , دسمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: ايس ايڇ او طرفان  ٿاڻي تي ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز

Dighri: SHO started the campaign of planting*ڊگهڙي ۾ ايس ايڇ او سيد الطاف شاھ ٿاڻي تي ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو.

ڊگهڙي ٿاڻي تي ايس ايڇ او وڏي انگ ۾ نم جا ٻوٽا هنيا جنهن ۾ پوليس اهلڪارن پڻ حصو ورتو.

انهي موقعي تي ايس ايڇ او ڊگهڙي چيو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پوري سنڌ جي ٿاڻن تي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي آھي انهي حوالي سان هنن  اڄ ڊگهڙي ٿاڻي تي نم جا ٻوٽا پوکي شروعات ڪئي آھي.

هن چيو ته وڻ پوکڻ سان ماحول آلودگي کان محفوظ رهي ٿو ۽ جن علائقن ۾ وڻ وڌيڪ هوندا آھن انهن علائقن ۾ برسات پڻ وڌيڪ وسندي آھي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے