17 ہفتہ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾  ڄامشورو – سيوهڻ روڊ تي ٿيندڙ حادثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي

Hearing of the cases related to the accident on the Jamshoro-Sehwan road in the Karachi Registryڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾  ڄامشورو – سيوهڻ روڊ تي ٿيندڙ حادثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو .جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته سمورا روڊ ٽٽل آهن سموري رقم ڳڙڪائي وڃي ٿي ، هاءِ وي وارا سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ويندا آهن.سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي نيشنل هاءِ وي جي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي.درخواستگذار موقف احتيار ڪيو ته سيوهڻ کان ڄامشوري تائين 132 ڪلوميٽر روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن .جسٽس مقبول باقر چيو ته انساني جانيون سڀ کان وڌيڪ قميتي آهن امن امان ۽ سڪيورٽي صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي.عدالت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ٻه هفتن جي مهلت اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے