19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز: ڪراچي : عورتن جي ووٽ بنا چونڊون ڪرائڻ بيڪار آهن: سياسي سماجي اڳواڻ

Karachi: Election is invalid for women's election: Political social leader*سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته عورتن جي ووٽ بنا چونڊون ڪرائڻ بيڪار آهن، عورتن کي قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾33 سيڪڙو ڪوٽا ڏني وڃي.

ڪراچي ۾وومين ڊولپمينٽ فائونڊيشن پاڪستان طرفان “ منهنجو ووٽ، منهنجو حق ” جي عنوان سان عورتن جي حقن بابت پروگرام ڪرايو ويو.

تقريب ۾فائونڊيشن جي سي اي اي صبيحه شاهه، عبدالرحيم موسوي، پ پ، ن ليگ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عورتن جي ووٽ بنا چونڊون ڪرائڻ بيڪار آهن.

هنن چيو ته عورتن کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن جي 33 سيڪڙو ڪوٽا ڏني وڃي.

سندن چوڻ هو ته ملڪ ۾تمام عورتن جا ووٽ رجسٽرڊ ڪرايا وڃن ۽ ڪمپيوٽرائيزڊ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا وڃن.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سياسي جلسن ۾غلط ٻولي استعمال ڪرڻ جي هو مذمت ڪن ٿا، جيڪي ماڻهو عورتن جي حوالي سان غلط ٻولي استعمال ڪن ٿا انهن کي نااهل قرار ڏنو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: نوشهري فيروز واسين پاران پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

 ڪراچي ۾نوشهري فيروز واسين پاران حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ بااثرن خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے