16 جمعہ , نومبر 2018

صوفي شاعر شاه عبدالڪريم بلڙي واري جو عرس مبارڪ | پروگرام: تخليق

Poet Sufi shah abdul karim bulri waro Urs Mubarakعوامي آواز | صوفي شاعر شاه عبدالڪريم بلڙي واري جو عرس مبارڪ | پروگرام: تخليق | ميزبان: زرار پيرزادو |مهمان: لطف پيرزادو، رکيل مورائي

*سينيئر ليکڪ ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي چيو آهي ته شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي عرس مبارڪ تي ڪا ادبي ڪانفرنس ناهي ٿيندي، جيڪا ڪرائڻ گهرجي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام تخليق ۾ صوفي شاعر شاهه ڪريم بلڙي واري جي عرس مبارڪ جي حوالي سان ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو.

لطف پيزادي چيو ته شاهه ڪريم جي شاعري تي ڀٽائي صاحب شاهه جي رسالي جي عمارت جا بنياد رکيا.

هڪ سوال جي جواب ۾ لطف پيرزادي چيو ته شاهه ڀٽائي وانگر شاهه ڪريم به مزاحمتي شاعر هو ۽ ان ڏس ۾ لطف سندس ٻه مزاحمتي شعر به پڙهي ٻڌايا.

نامياري شاعر ۽ نقاد رکيل مورائي چيو ته شاهه ڪريم اساسي شاعر هو.هو بيان العارفين ۾ محفوظ ٿيو ۽ ان کان علاوه مون سنڌ ثقافت کاتي جي مدد سان شاهه ڪريم تي لکيل سنڌي مضمونن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ رکيل مورائي چيو ته شاهه ڪريم تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي تمام گهڻي ضورت آهي….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے