19 جمعہ , اکتوبر 2018

مريم نواز جو پوليس ريسٽ هائوس سهالا منتقل ٿيڻ کان انڪار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نواز ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌي مريم نواز پوليس ريسٽ هائوس سهالا وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جيل انتظاميا ذريعن موجب مريم نواز جو موقف آهي ته هو پنهنجي پيءُ ۽ مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر سان گڏ اڊيالا جيل ۾ ئي رهندي. ذريعن ٻڌايو ته انتظاميا مريم نواز کي اڊيالا کان ريسٽ هائوس اماڻڻ پئي چاهيو ۽ گذريل ٽن ڏينهن کان ان حوالي سان بندوبست به ڪيا ويا آهن.  جيل انتظاميا ذريعن ٻڌايو ته سهالا ريسٽ کي سب جيل قرار ڏيڻ جي سمورا بندوبست مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ 20 لک رپيا خرچ به ڪيا ويا آهن. مريم نواز جي منتقلي کي نظر ۾ رکندي پولي ڪلينڪ اسپتال جي ڊاڪٽرن جو ڊيوٽي روسٽر به جاري ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے