19 جمعہ , اکتوبر 2018

موجوده حالتن ۾ گڏيل پارليامينٽ ملڪ جي بدقسمتي هوندي: عمران خان

بهاولپور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن عام چونڊن جي نتيجي ۾ گڏيل پارليامينٽ بڻيو ته اها ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي هوندي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ کي هڪ طاقتور پارليمان جي ضرورت آهي ۽ گڏيل پارليمان هميشه ڪمزور هوندي آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن ان ڪري ٻنهي پارٽين سان حڪومتي اتحاد بڻائڻ کان بهتر آهي ته اسان مخالف ڌر ۾ ويهي رهون. ٻئي پاسي بهاولپور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ عام ماڻهو سان جيڪو ڪيو ويو اهو ڪير دشمن سان به ناهي ڪندو. هن چيو هڪ پاسي حڪمرانن جي ٻاهرن جي رهڻي ڪهڻي ڏسو ۽ ٻئي پاسي عوام جو وڏو انگ غربت جي ليڪي کان هيٺ رهي پيو ان ڪري جيڪو 25 جولاءِ تي ووٽ نه ڏيندو اهو خود غرضي جي زندگي گذاري رهيو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪا حڪومت به ويندي آهي اها ٻه شيون ڇڏي ويندي آهي، هڪ خالي خزانو ۽ ٻيو مولانا فضل الرحمان. هن چيو ته هتي 90 سيڪڙو ٽيڪس عوام کان ورتو ويندو آهي پر عوام جو پيسو چوري ٿيڻ جي ڪري عوام تي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي ۽ ملڪ تي مڙهيل قرض عوام کي پاڻ ادا ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته 10 سالن پهرين ڊالر 60 رپين جو هو جيڪو اڄ 130 رپين تائين پهچي ويو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته شريف خاندان ميٽرو مال بڻائڻ جي لاءِ بڻائي،  ملتان ميٽرو تي 60 ارب رپيا خرچ ٿيا پر اُتي خالي بسون هلنديون آهن. هن چيو ته جيڪي ادارن کي ٺيڪ نٿا ڪري سگهن اُهي ڪرپشن کي نٿا روڪي سگهن، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي پنهنجن وارن ۾ ڪرپشن نه روڪي سگهيون ته هان ڇا ڪنديون. هن چيو ته اسان خيبرپختونخواهه ۾ پوليس جو کاتو ٺيڪ ڪيو، اڄ خيبرپختونخواهه جي پوليس ۾ ڪا به سياسي مداخلت ناهي، وعدو ٿو ڪيان ته پاڪستان کي قرضن جي دلدل مان ڪڍي ڏيکاريندس. عمران خان الزام هنيو ته ن ليگ 5 سالن ۾ هارين جو معاشي قتل ڪيو آهي پر اسان آبادگارن کي پيسا نه ڏيندڙ ملن کي بليڪ لسٽ ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے