21 اتوار , اکتوبر 2018

شڪست کان ڊنل عنصر اليڪشن کي شڪي پيا بڻائن: شيخ رشيد

The decision which he wanted to make a NCP politics became his political death: Sheikh Rashidراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 25 جولاءِ تي پاڪستان جي تاريخ  جي اهم ترين اليڪشن آهي، شڪست مان ڊنل عنصر اليڪشن کي شڪي بڻائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڍوڪ ڪالا خان ۾ ڪارنر مٽينگ کي خطاب ڪندي ڪيو. شيخ رشيد چيو ته 22 جولاءِ تي لياقت باغ ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، منهنجو ووٽ عمران خان جي ڪاميابي جي لاءِ آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيو ته بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏينداسين، سڀ کان وڌيڪ عورتن جي لاءِ تعليمي ادارا راولپنڊ ۾ قائم ڪيا، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته چورن جو ساٿ ڏجي يا چوڪيدارن جو، ايفيڊرين ڪيس ۾ منهنجو ڪردار ناهي، خواهش آهي ته مقابلو ڪيان. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته عام چونڊڻ ۾ واضح ڪاميابي حاصل ڪنداسين، پنڊي وارن کي چوان ٿو ته قبضا گروپ کي ووٽ نه ڏيو. هن چيو ته ن ليگ وارا وقت پوڻ تي ماڻهن کي پيرين پوندا آهن بعد ۾ ڳچي ۾ پوندا آهن، شريف خاندان ملڪ کي ڦري پنهنجي ملڪيت بڻائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے