21 اتوار , اکتوبر 2018

نواز شريف کي عدليه خلاف وڙهڻ کان منع ڪيو، هن ڳالهه نه ٻڌي بيوفائي ڪئي: چوڌري نثار

ٽيڪسلا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي ناراض چوڌري نثار چيو آهي ته مون نواز شريف کي عدليه جي خلاف وڙهڻ کان منع ڪيو هو پر هن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي مون سان بيوفائي ڪئي جنهن تي ڪافي ڏينهن تائين پريشان رهيو. خانگي ٽي وي چينل موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي ناراض اڳواڻ چوڌري نثار چيو آهي ته ن ليگ سان جدائي بعد ميدان ۾ بيٺل آهيان هاڻ جيڪو وڻي اهو ڪيو جيپ رکڻ وارا ناهوني، ٽيڪسلا سان منهنجو نئون رشتو ناهي، مون پنهنجي جواني هتي گذاري آهي، ٽيڪسلا کي منهنجي دل مان نٿو ڪڍي سگهجي، انشاءَ الله ڪامياب ٿي شهر کي ترقي يافته شهرن جي فهرست ۾ کڻي ايندس، هن چيو ته مون نواز شريف کي عدليه جي خلاف وڙهڻ کان منع ڪيو هو پر هن منهنجي ڳالهه نه ٻڌي مون سان بيوفائي ڪئي جنهن تي هو ڪافي ڏينهن تائين پريشان رهيو.  عدليه خلاف ڳالهائڻ وارا روپوش جڏهن ته ميان صاحب هاڻ جيل ۾ وڃي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے