21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: ڪراچي : سياسي پارٽيون عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن: رياض لنڊ

Karachi political parties to convince the public can vary: Riaz Lund*قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته سياسي پارٽين جو  سياسي ۽ اقتصادي منشور ايترو ته ڪمزور آهي جو هو عوام کي پاڻ ڏانهن قائل نٿيون ڪري سگهن.

عوامي آواز ٽي وي جي ٽرانسميشن اليڪشن سليڪشن ۾ميزبان اسد ممتاذ رڏ ۽ اختر بلوچ سان ڳالهائيندي  قانوندان ڪامريڊ رياض لنڊ چيو آهي ته عوام جو پاڻ ۾ فاصلو ايترو وڌي ويو آهي جو  غريب ماڻهن جي چونڊن ۾ شرڪت گهٽجندي پئي وڃي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ڪجهه قانوني قائدا ٺهيل هوندا آهن ته چونڊ مهم ۾ڪيترو خرچ ڪرڻ گھرجي، پر سياسي پارٽيون ان حڪم کي نه مڃينديون آهن.

سندس چوڻ هو ته رياست شهرين جي کاڌي پيتي، تعليم ۽ صحت جي ذميوار آهي. چونڊن کي ان جي عمل مطابق ٿيڻ گھرجي.

پروگرام ۾ڳالهائيندي سنڌ ساگر پارٽي سان سلهاڙيل حافظ سڪندر تنيو جو چوڻ هو ته اسان وٽ چونڊن جو سرشتو انگريزن جي دور کان شروع ٿيو ان کان پهرين قبائليت جو دور هيو.

هن چيو ته چونڊن جو نظام ٺاهڻ وقت انگريزن جاگيردارن کي اڳتي آندو ڇو ته انه وٽ ماڻهو به هئا ۽ انهن جي اثر هيٽ هلندا هئا.

سندس چوڻ هو ته رياست جي ذميواري هوندي آهي ته پنهنجي نظام تي نظر رکندي اچي ۽ پنهنجي غلطين کي سڌاري…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے