21 اتوار , اکتوبر 2018

ضابطا اخلاق جي ڀڇڪڙي تي سرڪاري ملازمن کي معطل ڪيو وڃي: چيف سيڪريٽري سنڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي چيف سيڪريٽري اعظم سليمان چيو آهي ته ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ سرڪاري ملازمن کي معطل ڪري انهن ملازمن کي اليڪشن جي ڏينهن به ڊيوٽي تي گهرايو وڃي. اها ڳالهه هن اليڪشن 2018ع جي سلسلي ۾ چونڊ ضابطا اخلاق جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي چئي، چيف سيڪريٽري اعظم سليمان جي صدارت هيٺ چونڊ ضابطا اخلاق تي اجلاس رٿيو وي، ان موقعي تي لاڳاپيل اختيارين طرفان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ به ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي تعليم کاتي جي 48، صحت جي 18، 9 بلدياتي نمائندن ۽ 22 چونڊين نمائندن خلاف ايڪشن ورتو ويو.  ڀڃڪڙي ڪندڙن ۾ بورڊ آف روينيو جا 14 ۽ اوقاف جا 6 ملازم به شامل آهن. بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته گهرو کاتي ڪي ڊي ايس پي سميت 5 اهلڪارن به ڀڃڪڙي ڪئي، چونڊ ضابطي جي ڀڃڪڙي تي ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر معطل ڪيو ويو، ان کان سواءِ چار ضلعي زڪوات چيئرمينن کي به برطرف ڪيو ويو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڏيندي چيو ته ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سرڪاري ملازمن کي معطل ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے