15 ہفتہ , دسمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي:  ڳوٺ بجر خان جروار  جي رهواسين جو ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج

Dighri: Protest by residents of Bajar khan jarwar on filing fake documents*ڊگهڙي  ويجهو ڳوٺ بجر خان جروار  جي رهواسين قتل ۾ ملوث جوابدارن جي وارثن پاران مٿن  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

رهواسين  نياز ، سڪينا ، ريحانا جروار،آمنا  جروار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  عورتن مردن ۽ ٻارن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سندن نوجوان  احسان علي جروار کي بنا ڪنهن ڏوھ جي پاڻي جي واري تان قتل ڪيو ويو هو.

هنن چيو تھ  نوجوان جي  قتل ڪيس ۾ سڪندر جروار جيل ۾ آھي.

سندن چوڻ هو هڪ مهينو اڳ جوابدار سڪندر جروار سان ڪورٽ مان واپسي تي ٻين قيدين انور نونداڻي،افضل خاصخيلي ۽ صدام سان جهيڙو ٿي پيو هو.

احتجاج ڪندڙن چيو تھ اهڙي واقعي بعد جوابدار سڪندر جروار جي ڀائرن هنن  خلاف صدر ٿاڻي ميرپورخاص تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي جنهن ۾ ھنن رجب جروار،شادي خان جروار،نصير احمد ۽ غلام اڪبر جروار کي جوابدار ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته قيدي سڪندر جروار مٿان ٿيل حملو هنن ڪرايو آهي.

هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عوامي آواز جي خبر تي جج جو نوٽيس، سي ايم او کان رپورٽ طلب

ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ  عوامي آواز  جي خبر تي شهر ۾ گندگيءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے