21 اتوار , اکتوبر 2018

لاهور مان 14 سيٽون کٽڻ جي ڳالهه ديواني جي خواب کانسواءِ ڪجهه ناهي: عليم خان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته اليڪشن کٽڻ تي غير تڪراري ۽ هارائڻ تي تڪراري هوندي آهي، لاهور مان 14 سيٽون کٽڻ جي ڳالهه هڪ ديواني جي خواب کانسواءِ ڪجهه ناهي. خواجه سعد رفيق جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ عليم خان چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضي ۽ پيراگون سٽي جو حساب ڏيڻو آهي، هاڻي توهان وٽ انتظامي مشينري ناهي ۽ نه وري وفاقي توڙي صوبائي حڪومت آهي. هن چيو ته هاڻي توهان بيساکين کانسواءِ چونڊ وڙهندا، اليڪشن بنا انتظاميه جي وڙهندي پوندي تنهن ڪري حوصلا خطا آهن. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي سياسي حالت 2002 کان به خراب آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبن ۾ اتفاق راءِ سان ئي آبي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا: سرتاج عزيز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناليواري اقتصاديات جي ماهر سرتاج عزيز چيو آهي ته صوبن اتفاق رائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے