19 جمعہ , اکتوبر 2018

يوٽرن جي نشان تي عمران خان جي تصوير لڳايو ماڻهو سمجهي ويندا: شهباز شريف

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان هر ڳالهه تي يوٽرن وٺندو آهي، جتي يوٽرن جو نشان هجي اتي عمران جي تصوير لڳائڻ گهرجي، تصوير لڳائڻ سان ماڻهو سمجهي ويندا ته يوٽرن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرگوڌا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته پشاور ميٽرو جو عمران خان ٻيڙو غرق ڪيو. عدالت فيصلو ڏنو ته ميٽرو جو ٺيڪو بليڪ لسٽ ڪمپني کي ڏنو ويو، عمران خان پشاور ميٽرو کي 14 کان 68 ارب تي پهچايو، هو لاهور ميٽرو ۾ ڪرپشن جو هڪ ثبوت به ناهي آڻي سگهيو. شهباز شريف چيو ته اسان اسپتالن جي شڪل ۽ حالت تبديل ڪئي، پنجاب ۾ اسڪول ۽ يونيورسٽيون بڻايون، مون جهڙي ريت گذريل 10 سال توهان جي خدمت ڪئي ائين ئي اڳتي به ڪندس، مسلم ليگ ن کي موقعو مليو ته پاڪستان کي ملائيشيا ۽ ترڪي بڻائيندس جيڪڏهن نه بڻايو ته منهنجو تبديل ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے