21 بدھ , نومبر 2018

ڪالا باغ ڊيم رد ٿي چڪو آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم رد ٿي چڪو آهي ان ڪري چيف جسٽس ثاقب نثار به ٻين ڊيمن جي تعمير جي ڳالهه ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ تحريڪ نفاذ فقه جعفريه سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران هن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن کي اڃان به ٻين جي ضرورت آهي. نثار کهڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي ڊي اي اڃا به ٻين جي ڳولا ۾ آهي. هن چيو ته وفاق ۾ جمهوريت پسند پارٽين سان گڏجي هلي سگهون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو کي نصير آباد ۽ فيصل آباد وڃڻ ناهي ڏنو ويو، اهڙي ئي صورتحال رهيa ته چونڊون تي سوال بيهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے