19 جمعہ , اکتوبر 2018

چونڊن کان اڳ ڌانڌلي: سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم، هڪ ڄڻو گرفتار

سيوهڻ(ويب ڊيسڪ) چونڊ 2018 کان اڳ وڏي ڌانڌلي جي خبر اچي وئي آهي، سيوهڻ ۾ پوسٽل بيلٽ جي ذريعي ٺپا مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب سنڌ جي شهر سيوهڻ شريف ۾ ٺپا مافيا سرگرم ٿي وئي آهي، پي ايس 80 جي چونڊ تڪ ۾ هن وقت کان ئي ڌانڌلي شروع ٿي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس 80 سيوهڻ جي ايجوڪيشن آفيس ۾ ٺپا هنيا پيا ويا، ان چونڊ تڪ مان سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جو اميدوار آهي. پوليس قربان جي علي آفيس مان پري پول رگنگ جي الزام ۾ هڪ شخص عزيز راهوپوٽي کي گرفتاري ڪري ورتو. ذريعن موجب عزيز راهوپوٽي جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے