19 جمعہ , اکتوبر 2018

ڪراچي جو ٽن مرحلن تي ٻڌل اليڪشن سيڪيورٽي پلان تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پوليس چيف مشتاق مهر جو چوڻ آهي ته شهر جي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل اليڪشن سيڪيورٽي پلان بڻايو ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي پوليس چيف مشتا مهر چيو ته شهر ۾ لساني بنياد تي ڪنهن وڏي تخريبڪاري جو خدشو ناهي پر سڄي ملڪ جيان دهشتگردي جا خطرا موجود آهن جنهن جي تدارڪ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. سي سي پي او ڪراچي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ قومي اسيمبلي جي 22 سيٽن جي لاءِ 900 جڏهن ته صوبائي اسيمبيل جي 44 سيٽن تي 1200 اميدوار ميدان ۾ آهن ۽ روزاني ئي ڪيتريون ئي چونڊ سرگرميون ٿي رهيون آهن. مشتاق مهر موجب انهن اميدوارن ۾ سمورين  سياسي پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ شامل آهن ۽ ان سلسلي ۾ شهر ۾ روزاني جي بنياد تي هڪ هزار کان وڌيڪ چونڊ سرگرميون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته پهريون پلان ڪارنر ميٽنگن ۽ جلسن جو آهي جيڪو هلي رهيو آهي، ٻيون پلان چونڊ جي ڏينهن ۽ ٽيون نتيجن کان پوءِ جو آهي. هنن چيو ته بدقمستي سان هن وقت تائين اسان جي ملڪ ۾ سياسي بلوغت جو فقدان آهي، ماضي ۾ ڪراچي ۾ لساني بنيادن تي امن ۽ امان جا مسئلا رهيا پر هن ڀيري لساني بنيادن تي ڪنهن وڏي تخريب ڪاري جو خدشو ناهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي حوالي سان خدشا موجود آهن، پر سياسي پارٽين جي مرڪزي سربراهن کي سيڪيورٽي خدشا موجود آهن پر ان جي تدارڪ لاءِ حساس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آفاق احمد ايم ڪيو ايم سان رابطن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي اڳوڻي چيئرمين آفاق احمد متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے