16 جمعہ , نومبر 2018

اسحاق ڊار کي انٽرپول جي ذريعي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ ريڊ نوٽيس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيٽر اسحاق ڊار کي انٽرپور جي ذريعي پاڪستان واپس آڻڻ جي لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي نيب ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي پر ڪيترائي ڀيرا گهرائڻ جي باوجود هو پيش نه ٿيو جنهن تي نيب چيئرمين کيس انٽرپول جي ذريعي برطانيا کان وطن واپس آڻڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن جي لاءِ هاڻ ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان به سينيٽر اسحاق ڊار کي ڪيترائي ڀيرا طلب ڪيو هو پر هو پيش نه ٿيو جنهن تي سندس سينيٽ رڪنيت معطل ڪئي وئي هئي جڏهن ته اسحاق ڊار جي واپسي جي لاءِ سمورن ادارن کي گهرو وزارت جي مدد  ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے