21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: سيوهڻ ۾چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ڪندڙ جوابدار گرفتار

Arrested before the court in Sehwan arrested*سيوهڻ ۾ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي ڪندڙ هڪ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي .

پي ايس 80 تي  ٺپا مافيا  پوسٽ بيلٽ پيپرز  تي ٺپا هڻندي پڪڙجي پئي آهي، جڏهن ته تعليم کاتي جي آفيس مان پوسٽ بيلٽ پيپرز هٿ ڪيا ويا آهن .

اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تڪ  ۾ پري پول رگنگ  جي الزام ۾ عزيز راهپوٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي .

پوليس قرباني علي  جي آفيس   مان پري پول رگنگ  جي الزام ۾ عزيز راهپوٽي کي گرفتار ڪيو ، جڏهن ته ان جو تعلق  پيپلزپارٽي سان آهي .

ڊي آءِ جي حيدر آباد سلطان خواجه  ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته  ايس ايس  پي ڄامشوري  کي سيوهڻ روانو ڪيو ويو آهي جيڪو واقعي جي  جاچ ڪندو .

ٻئي طرف نگران وڏي وزير سيوهڻ ۾بيلٽ پيپرز تي ٺپا لڳائڻ واري خبر جو نوٽيس وٺندي ڊي سي ڄامشوري ۽ ايس ايس پي کان  رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ان سلسلي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر ،  سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ سان رابطو ڪري اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر کي جلد گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.

ٻئي طرف سانگهڙ ۾ به پوسٽل بيلٽ پيپرز کولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ، جڏهن ته ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتو آهي …..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | اسلام ڪوٽ ۾ نوجوان جي مايوسي ڪٿي دنگ ٿي؟ اذيت ڏيندڙ موت تي حيران ڪندڙ انڪشاف

ڳوٺ ڌرم جي ويري واسي نوجوان  جبل ميگهواڙ وڻ ۾ ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے