21 بدھ , نومبر 2018

سرينگر: ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 3 ڪشميري شهيد

Srinagar: Three Kashmiri martyrs due to the firing of the Indian Armyسرينگر(ويب ڊيسڪ)والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جي قابض فوج ڪلگام ضلعي ۾ سرچ آپريشن دوران فائرنگ ڪندي 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. فوج نوجوان جي شهادت بعد ڪشيدگي کي نظر ۾ رکندي علائقي کي مڪمل طور تي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻيندي انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته ڀارتي فوج هلندڙ مهيني جي شروعات تي ڪشمير جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻ برهان واني جي ٻي ورسي کان اڳ ئي علائقي ۾ ناڪابندي شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ ان دوران  به ٽن ڪشميرن کي شهيد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن  ۾ 3 سالن جي جنگ دوران ڏڪار سبب 85 هزار ٻار فوت

صنعاء(ويب ڊيسڪ)يمن ۾ 3 سالن کان جاري خوني جنگ دوران خوراڪ نه ملڻ سبب فوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے