15 جمعرات , نومبر 2018

ٻن ڏينهن بعد چونڊون آهن،  انڪري ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندس جنهن سان چونڊن تي اثر پوي:چيف جسٽس

After two days there are elections, no matter what will affect the election, the Chief Justiceڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سندس ڪو به ذاتي ايجنڊا ۽ مفاد ناهي 6 مهينا اڳ واري ڪراچي ۾ تبديلي آئي آهي، ٻن ڏينهن بعد چونڊون آهن انڪري اهڙي ڪا به ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهيان جنهن سان چونڊن تي اثر پون. گريٽر ڪراچي سيوريج ٽريٽمنٽ پلانٽ جي افتتاح بعد تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته گلگلت بلتستان جي ماڻهن ديامر ۽ ڀاشا ڊيم ٺهڻ تي تمام گهڻو خوش آهن، اُتي پاڻي جا چشما وهي رهيا آهن، اسان کي گلگت وارن کي سندن سڃاڻپ به ڏيڻي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اميرهاني صاحب وقت کان اڳ ٽارگيٽ پورو ڪيو سندس لاءِ تاڙيون وڄائڻ چاهيان ٿو. واٽر ڪيمشن جنهن ايمانداري سان ڪم ڪيو ان جي مثال نٿي ملي، 6 مهينا اڳ واري ڪراچي ۽ هن وقت واري ڪراچي ۾ واضح تبديلي آئي آهي. 6 ميهنن ۾ ڪراچي مان ڪافي گند ڪچرو صاف ٿيو آهي، ٻن ڏينهن بعد چونڊون آهن، انڪري اڄ اهڙي ڪا به ڳالهه نه ڪندس جنهن سان چونڊن تي اثر پون ايندڙ نسل کي بهترين ملڪ ڏئي وڃڻو آهي اڄ پيدا ٿيندڙ هر ٻار 1 لک 17 هزار رپين جي قرضي آهي. ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته پاڻي کانسواءِ زندگي جو تصور ممڪن ناهي، منهنجو ڪو ذاتي ايجنڊا ۽ مفاد ناهي، هر ڪو چئي رهيو آهي ته پاڻي کانسواءِ پاڪستان جو وجود ناهي، پاڻي زندگي سان جڙيل آهي ان کانسواءِ زندگي جو تصور ناهي، پاڻي ايندڙ نسلن جي امانت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے